پاڪستان کي قرض فراهمي ۾ دير بابت خبرون بي بنياد آهن : عالمي بئنڪ

اسلام آباد(م ڊ)عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ پنهنجي امڪاني آپريشنز جي منظوري ۾ دير بابت فيصلي جي حوالي سان خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن خميس ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي امڪاني آپريشنز جي منظوري ۾ دير جي حوالي سان عالمي بئنڪ جي فيصلي جي باري ۾ پريس رپورٽون بي بنياد آهن. اسان جي سمورن تجويز ڪيل آپريشنز ۽ ان جي رقمن بابت بورڊ جي منظوري جون تاريخون واضح آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.