ڌاري آبادي کي سنڌ جي مستقل شهريت ڏيڻ لاءِ باقاعده قانون سازي ٿي رهي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 24 فيبروري 2023 تي هٽڙي بائي پاس حيدرآباد تي يوم مادر وطن جو جلسو ڪيو ويندواهڙو فيصلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو يوم مادر وطن جي جلسي ۾ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو ، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 24 فيبروري تي يوم مادر وطن جو جلسو تاريخي هوندو هن وقت سنڌ کي متحد ۽ منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي خلاف گهڻ رخي سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن سان مقابلي جي لاءِ اسان کي تيار رهڻو آهي، هن چيو ته ملڪ اندر معاشي ۽ سياسي بحران پنهنجي عروج تي پهتل آهي جنهن سبب ملڪ تيزي سان ڏيوالي طرف وڌي رهيو آهي حڪمرانن پنهنجي ناقص پاليسين جو جائزو وٺي درستگي پيدا ڪرڻ بجاءِ تمام بحرانن جو وزن عوام مٿان وجھي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ سازش تحت آباد ڪيل غير ملڪين سميت ڌاري آبادي کي سنڌ جي مستقل شهريت ڏيڻ لاءِ باقاعده هاڻي اسيمبلين ذريعي قانون سازي ڪري سنڌ جي بچيل وسيلن زمينن نوڪرين تي قابض ٿيڻ ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري حق حاڪميت کسڻ لاءِ ڪوششن ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ پيپلزپارٽي پيش پيش آھي. ھن چيو ته وقت کان اڳ ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي اسان کي شديد خدشا آهن. اجلاس ۾ جنهن ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڄام شوڪت ابڙو ، محمد علي ابڙو ، نصرت حسين چن شرڪت ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.