ڇا عدالت اهو چئي نيب کي بحال ڪري سگهي ٿي ته احتساب ختم ٿي ويو؟سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته عدالت ۾ بحث ڏوهه جي شڪل تبديل ڪرڻ جي سزا ڪجهه به هجي ڏوهه ته ڏوهه ئي رهندوآهي. خيانت ڪندڙ لاءِ قرآن ڪريم ۾ سخت لفظ استعمال ٿيا آهن، چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته ڏسڻو پوندو ته ڇا تعزيرات پاڪستان ختم ٿيڻ سان بنيادي حق متاثر نه ٿيندا؟ نيب پبلڪ پراپرٽي جا ڪيس ٺاهيندو آهي جيڪي عوام جي ملڪيت هوندا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ خميس ڏينهن درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان دليل جاري رکندي عدالت جي سامهون موقف اختيار ڪيو ته پارليامينٽ کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته ان کي قانونسازي جو اختيار آهي، ترميمن کي ڪالعدم ڪرڻ تي عدالت کي ٻڌائڻو پوندو. هن چيو ته ڇا نيب ترميمن جهڙي قانونسازي ڇا نٿي ٿي سگهي. جسٽس سيد منصور علي شاهه ان موقعي تي پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڦاهي جي سزا ختم ڪرڻ آئيني عمل هوندو؟ جيڪڏهن پارليامينٽ نيب کي ئي ختم ڪري ڇڏي ته ڇا ان کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو؟ هن وڌيڪ چيو ته ڇا عدالت اهو چئي نيب کي بحال ڪري سگهي ٿي ته احتساب ختم ٿي ويو؟ مخدوم علي خان ان موقعي تي موقف اختيار ڪيو ته پارليامنٽ کي قانونسازي سان گڏ قانون واپس وٺڻ جو به اختيار آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ان موقعي تي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته شرعي قانون ۾ موت جي سزا موجود آهي، ڇا شرعي اصولن خلاف قانونسازي ڪري سگهجي ٿي؟ جسٽس سيد منصور علي شاهه ان موقعي تي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالت قانونن جو جائزو آئين ۽ بنيادي حقن جي ڏس ۾ ئي وٺي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.