چٽاگانگ (ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ هڪ ٻئي پاڪستاني رانديگر سينچري اسڪور ڪري ورتي آهي.
بي پي ايل ۾ اعظم خان بعد پاڪستان ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد ميگا ايونٽ ۾ فووچون بارشيل جي نمائندگي ڪندي رنگپور رائيڊرز خلاف 45 بالن تي نوَ ڇڪن ۽ ڇهن چوڪن جي مدد سان طوفاني سينچري اسڪور ڪئي.
BPL T20 2023: Match day 09
Match 18: Fortune Barishal vs Rangpur RidersIftikhar Ahmed knocks a century!
Watch the match Live on Daraz app: https://t.co/Fisx68v30S & Nagorik TV#BPL | #BCB | #Cricket pic.twitter.com/xz5Okj9ccQ
— Bangladesh Cricket (@BCBtigers) January 19, 2023
هن شڪيب الحسن سان گڏ پنجين وڪيٽ تي 192 رنسن جي ڀائيواري پڻ قائم ڪئي، شڪيب الحسن 89 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي فورچون بارشيل چئن وڪيٽن جي نقصان تي 238 رنسون جو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو آهي.