پاڪستان ۾ پوليو وائرس جو خطرو برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو وائرس جو خطرو برقرار آهي، لاهور ۾ پوليو وائرس جو پهريون ماحولياتي نمونو هاڪاري نڪري آيو.

رپورٽ موجب پوليو وائرس جو ماحولياتي هاڪاري نمونو لاهور ۾ سامهون آيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال 2022 ۾ 20 پوليو ڪيس سامهون آيا هئا.

هوڏانهن صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جو چوڻ آهي ته سال جي پهرين پوليو روڪ مهم ڪاميابي سان جاري آهي، حڪومت پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ پرعزم آهي، والدين جي سهڪار سان گهربل هدف حاصل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.