ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي ڪياماڙي جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گذريل ڏنهن مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف سائيٽ ايريا ۾ ڊي سي آفيس ٻاهران احتجاج دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان ڊي سي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ جو ڪيس سائيٽ اي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پيپلز سروس سنيٽر جي مئنيجر جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي، بلال غفار، عطاءَ الله، سعيد آفريدي، داوا خان سميت ٻين کي نامزد ڪيوويو آهي جڏهن ته 150 کان 200 اڻڄاتل ڪارڪن به ڪيس ۾ نامزد آهن .
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيوويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڊي سي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ گاڏين کي نقصان پهچايو، آفيس جو سامان ۽ ليپ ٽاپ به کڻي ويا جڏهن وڳوڙ ۽ فائرنگ سبب ٽي شهري زخمي پڻ ٿيا.