لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز ڏيهه واپسي جي تصديق ڪرڻ کان لنوائي وئي.
لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف ۽ مريم نواز، حسن نواز جي آفيس پهتا، جتي هڪ صحافي جي سوال تي مريم نواز ڏيهه واپسي جي تاريخ جي تصديق نه ڪئي.
صحافي سوال ڪيو ته توهان 25 تاريخ تي پاڪستان وڃي رهيا آهيو يا 29 تي؟ جنهن تي مريم نواز چيو ته واپسي جي تاريخ ڪنفرم ٿيندي ئي ٻڌائينديس.
واضح رهي ته ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته مريم نواز 29 جنوري تي لنڊن کان لاهور پهچندي.