” خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي بار نه وجهون پر آءِ ايم ايف ٻيو ڪجهه چاهي ٿو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي چاهيون ٿا ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي وڌيڪ بار نه پوي پر آءِ ايم ايف اسان کي ٻئي پاسي وٺي وڃڻ چاهي ٿو تنهنڪري پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ آءِ ايم ايف جون سموريون ڳالهيون مڃڻيون پيون ته مڃينداسين، سخت فيصلا به ڪرڻا پيا ته ڪنداسين.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته ملڪ ۾ غير معمولي صورتحال آهي ۽ اسان کي ملڪ کي پيش بحران جو حل گڏجي ڪڍڻو پوندو، اِها اميد نه رکو ته ڪاروبار پهريان وانگر معمول موجب هلندو، اسان هن وقت بحران مان گذري رهيا آهيون.

هن چيو ته هر ڪو پنهنجو تڪ بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو مُلڪ جي نه، هي رڳو پاڪستان جو مسئلو پر ٻيا به ڪيئي مُلڪ اهڙي قسم جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته پريشاني واري صورتحال ضرور آهي پر اسان وٽ پلان موجود آهي، اسان آءِ ايم ايف کي انگيج ڪري رهيا آهيون، هو هڪ مانيٽرنگ ادارو آهي جتان کان ڊالر ايندا، اِهو نه سمجهيو وڃي ته حڪومت کي ڪا خبر نه آهي، حڪومت سڀ ڄاڻي ٿي.

ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه غوث پاشا چيو ته چاهيون ٿا ته آءِ ايم ايف پروگرام جلد بحال ٿي وڃي ۽ ان حوالي سان مالياتي اداري سان ڳالهيون به هلي رهيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جا ڪيئي خدشا ختم ڪيا آهن اسان پروگرام جي بحالي چاهيون ٿا، حڪومت جي خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي وڌيڪ بار نه پوي ۽ ڪوشش آهي ته سرنديءَ وارن تي وڌيڪ ٻوجهه وڌو وڃي پر آءِ ايم ايف اسان کي ٻئي پاسي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ آءِ ايم ايف جون سموريون ڳالهيون مڃڻيون پونديون، سخت فيصلا به ڪرڻا پيا ته ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.