سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي: قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان سندس رھائشگاھ بلوچ قوم پرست اڳواڻ  شهيد  ڊاڪٽر  عبدالحئي بلوچ  جي فرزند نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ ايدووڪيٽ چنگيز خان بلوچ جي ملاقات ڪئي ،ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ سنڌ بلوچستان  سميت  ملڪي صورتحال تي خيال جي ڏي وٺ ٿي ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو ته حئي  بلوچ سنڌ جي هر اشو تي اسان سان گڏ هوندو هو سندس قومي جدوجهد کي وساري نٿو سگهجي پاڪستان جي اندر جن قومن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿئي پيو انهن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي صورتحال ساڳي آهي ٻئي وسيلن سان مالا مال آهن پر عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي،جاگيردارن ۽ سردارن سدائين ذاتي مفادن خاطر قومي اجتماعي مفادن تي سوديبازي ڪئي آهي ايڊووڪيٽ چنگيز خان بلوچ ڳالهائيندي چيو ته بلوچن کي پنهنجا ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي ،ان موقعي تي  پروفيسر فتاح ڊائود پوٽو، حفيظ ڏيرو، محمد علي ابڙو، جميل ڇلڳڙي، فاروق الماس، ۽قيصر کوسو موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.