جماعت اسلامي کي پ پ جي ڪاميابي هضم نه پئي ٿئي: مولابخش چانڊيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي، ته پاڪستان ۾ هڪ وقت کان افراتفري  جي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن  چيو ته پيپلز پارٽي جا مخالف گارين ڏيڻ کان باز نٿا اچن، کين جتي به موقعو ملي ٿو هو پيپلز پارٽي تي گند اڇلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا سراج الحق جي سياسي جماعت جي روح ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت آهي.

هن خبردار ڪيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ ڪاميابي ان کي هضم نه ٿي رهي آهي، هي پارٽي خلاف سازشن کان باز اچن نه ته اسان پيپلز پارٽي خلاف ڪنهن به سازش کي جمهوريت خلاف جنگ سمجهنداسين،هن چيو ته سراج الحق مان توقع آهي ته هو سياسي فيصلا ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.