وڏي وزير جو حافظ نعيم سان رابطو، خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي خدشا ختم ڪرڻ جي  خاطري ڪرائي ڇڏي. مراد علي شاهه حافظ نعيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تازو ٿيل مڪاني چونڊن ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي گفتگو ڪئي. وڏي وزير جماعت اسلامي ڪراچي جي امير کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته جماعت اسلامي مسئلن تي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري. هن چيو ته جماعت اسلامي جي سنڌ حڪومت مسئلن جي حل ۾ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪندي. هوڏانهن حافظ نعيم چيو ته مراد علي شاهه فون ڪري خدشن بابت پڇيو، جنهن تي کيس ٻڌايو ته اسان وٽ رزلٽ موجود آهي، ٽن سيٽن جي آر او جا نتيجا اليڪشن ڪميشن اپ ڊيٽ نه پئي ڪري.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.