حيدر آباد ۾ قتل شهري جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) قاسم آباد ۾ ٻه مهينا اڳ مبينا طور قتل ٿيل پارس شاھھ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن طرفان ايس ايس پي آفيس حيدرآباد سامھون احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي پارس شاھھ جي ڀيڻ ۽ نامياري چترڪار سحر شاھھ ۽ سندس گھر جا ٻيا ڀاتي ڪري رھيا ھئا، جڏھن تھ يڪجھتي طور قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، عورتن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين شرڪت ڪندي چيو تھ پوليس قتل جي جاچ ڪرڻ بدران جاچ کان اڳ ئي قتل کي طبي موت ڄاڻائي قاتلن جي سرپرستي ڪرڻ بند ڪري ۽ واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪري قاتلن کي گرفتاري ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، پوليس طرفان ڪٽيل پهرين ايف آئي آر ڪوڙي ۽ قاتلن کي بچائڻ جي سازش آهي، جنهن کي اسين رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته هن قتل واري هنڌان مليل شاهدين جي روشني ۾ ٻيهر ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. ان موقعي تي پارس شاھھ جي ڀيڻ سحر شاھھ رضوي عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تھ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ 2 مھينا اڳ منھنجي ڀاءُ پارس شاھھ جو قتل ٿيو ھو، پر اڃا تائين ان جي خون سان انصاف ناھي ٿيو. ھن چيو تھ اسان جا ڀائر ايترا ننڌڻڪا ناھن جن کي قتل ڪري سندن خون لوڙھيا وڃن، منھنجي ڀاءُ جا قاتل ايترا بااثر آھن جو پوليس ڪجھھ نٿي ڪري سگھي، ھاڻ اسان جي سڄي خاندان جي زندگين کي خطرو آھي، ڀاءُ پارس شاھھ جي قتل وارو واقعو سڄي علائقي جي ماڻھن ۽ سڄي سنڌ ميڊيا تي ڏٺو آھي، سڄو گھر رت ۾ ٻڏل ھو، پارس شاھھ جي قاتلن کي بچائڻ جي لاءِ ڊراما رچايا ويا. ھن چيو تھ پارس شاھھ جي قتل وقت سندس گھر مان ليپ ٽاپ، زيور ۽ ٻيو سامان بھ چوري ڪيو ويو ھو، اسان کي اميد ھئي تھ لاڳاپيل اختياريون معاملي تي سنجيدگي جو مظاھرو ڪنديون، پر ائين نھ ٿيو ۽ اسان مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا آھيون. ھن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي تھ ڀاءُ جي قتل جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ۽ قاتن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو وڃي. احتجاج ۾ عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمراهھ سمون، صنم شاهھ، امر سنڌو، تاج جويو، پنھل ساريو، سنڌو نواز گهانگهرو، سنڌي عاطف ملاح، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ درياءَ خان چانڊيو ۽ ٻين  شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.