گورنر ڪامران ٽيسوري سان سنڌ ميڊيا فورم جي وفد جي ملاقات

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سنڌ ميڊيا فورم جي 11 رڪني وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي فورم جي صدر معين الله شاه ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ جمهوريت ۽ استحڪام لاءِ صحافت جي ڪردار ،صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ ٻين مختلف  معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته جمهوريت لاءِ صحافي برادري جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هر مشڪل مرحلي تي صحافي برادري وڏي دليري سان جمهوريت جي آبياري جي جدوجهد ڪئي ۽ ان ڏس ۾ جدوجهد ۾ ڪيترائي صحافي شهيد به ٿيا.سڄي قوم صحافت جي انهيءَ جذبي کي وڏي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم يقيني بڻائي رهي آهي. ان ڏس ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ بل به منظور ٿي چڪو آهي ۽ صحافي برادري لاءِ هائوسنگ سوسائٽي جو قيام به عمل ۾ آندو پيو وڃي. هن چيو ته صحافي مشڪل وقت ۾ پنهنجي ذميداري ادا ڪري رهيا آهن ان ڏس ۾ صحافين کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس.هن چيو ته صحافي برادري سان منهنجو وڏو ويجهو ۽ محبت ڀريو رابطو آهي. گورنر هائوس ۾ صحافي ڀائرن سان ملاقات کي ترجيح ڏني ويندي آهي.گورنر هائوس جي پريس رليز موجب وفد جي اڳواڻ ۽ فورم جي صدر چيو ته صحافي برادري کي گورنر سنڌ سان وڏيون اميدون آهن اميد آهي ته صحافي برادري جي مسئلن جي حل ۾ گورنر سنڌ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته سينيئر صحافين لاءِ جلد تقريب پذيرائي منعقد ڪئي ويندي. وفد ۾ جوائنٽ سيڪريٽري خالد خان ، سيد شڪيل احمد شاه ،اسلم علي خان، راهب ڳاهو ،امتياز شاه ،احسن جتوئي،قادر عباسي عبدالستار، ذوالفقار ۽ ٻيا شامل هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.