ٽنڊوآدم سب جيل ۾ نوجوان قيدي پراسرار نموني فوت

ٽنڊوآدم (ن  ع   آ) ٽنڊوآدم سب جيل ۾ نوجوان قيدي پراسرار نموني فوت پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي رپوٽ موجب ٽنڊوآدم سٽي  پوليس ھڪ ھفتو اڳ ۾ گلزار ڪالوني جي رھواسي ۾ 25 سالا نوجوان علي رضا ولد محمد نواز راجپوت کي گرفتار ڪري مٿس گھٽڪو کپائڻ جو ڪيس داخل ڪري سب جيل حوالي ڪري ڇڏيو ھو جيڪو گذريل ڏينھن جيل اندر پراسرار نموني فوت ٿي ويو جيل پوليس نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال ٽنڊوآدم کڻائي آئي جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي جيلر خدا بخش جوڻيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته مذڪوره قيدي ھيروئن جو عادي ھو اڄ اوچتو ھن کي سيني ۾ شديد سور پيو اسان کيس اسپتال کڻائي اچي رھيا ھئاسين ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسلم بروھي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته فوتي جا جزا ليبارٽري موڪليا ويندا رپوٽ اچڻ بعد ئي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھندو ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي ڀاءُ علي مراد راجپوت ٻڌايو آھي ته منھنجو ڀاءُ فروٽ جو ٺيلھو لڳائي گذر سفر ڪندو ھو پر ڪجھ مھينن کان نشي جو عادي ٿيو ھو ۽ ڪوبه ڪم ڪار ڪونه ڪندو ھو 11 جنوري تي پوليس کيس گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو ھو اڄ اسان کي فون ڪري ٻڌايو ويو ته ھمراھ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آھي واقعي جي جانچ ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.