بلڙي شاهه ڪريم ويجهو روڊ حادثو، نئون ڀرتي ٿيل استاد فوت، ٻيو زخمي

بُلڙي شاھ ڪريم  (ن ع آ)بُلڙي شاھ ڪريم ڀرسان نئون پڪو اسٽاپ وٽ سجاول- ٽنڊو محمد  خان روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ تازو جي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ پاس ٿي ڀرتي ٿيل استاد عبدالعليم سومرو تڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن  ته ساڻس گڏ موٽر سائيڪل تي سوار عبدالعليم جٽ سخت زخمي ٿي پيو ، واقعي جي اطلاع تي اتي جي موجود ماڻهن فوتي ۽ زخمي کي کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان پھچايو ويو جتان  زخمي عبدالعليم جٽ کي شروعاتي طبي امداد ڏئي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جتي سندس صحت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي جڏھن تہ فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن  حوالي ڪيو ويو فوتي جو مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي گھر ۾  ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.