ملڪ جي نامور رانديگرن پاران اين بي پي ڪمشنر ڪراچي ميراٿون ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان

ڪراچي(م ڊ) ملڪ جي نامور رانديگرن اين بي پي ڪمشنر ڪراچي ميراٿون (4) جيڪا 29 جنوري تي نشان پاڪستان سي ويو کان شروع ٿيندي ان ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ جي سربراهي ۾ ٿيندڙ  ميراٿون لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان مختلف رانديگرن سان سندس رهائش گاهن تي وڃي ملاقات ڪئي.  ۽ ڪمشنر ڪراچي پاران ميراٿون جي دعوت ڏني. قومي باسڪٽ بال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان تنوير احمد انٽرنيشنل ظفر اقبال ، اعظم خان ، ٽيبل ٽينس جي ناليواري رانديگر عارف ناخدا ،فٽبال جي عظيم رانديگر عبدالعزيز ،ناصر اسماعيل ،ناصر ڪريم بلوچ ،بيڊمٽين جي افشان شجاع ،انور سعيد ،غلام محمد خان سان ملاقات ۾ واعدو ڪيو ته گذريل 3 ميراٿون وانگر هن ڀيري به اسين ڪٽنب سان گڏ شرڪت ڪنداسين ۽ اسان جي راند سان لاڳاپيل ايسوسيئيشن جا عهديدار ۽ ميمبر به ميراٿون ۾ شرڪت ڪندا ۽ دنيا کي پيغام ڏيندا ته ڪراچي راند ۽ رانديگرن سان محبت ڪندڙن جو شهر آهي ۽ هن شهر جا ماڻهو فقط محبت ۽ اخوت جو درس ڏيندا آهن.

  • ڪراچي ميراٿون جي انتظامن جي سلسلي ۾ اڄ اجلاس طلب

ڪراچي(رپورٽر)نيشنل بينڪ ڪمشنر ڪراچي ميراٿون جي انتظامن جي سلسلي ۾ خميس ڏينهن (اڄ) ڪمشنر آفيس ۾ 2 اجلاس ٿيندا. ٻنهي اجلاسن جي صدارت ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ  ڪندو، پهريون اجلاس 12 وڳي ڏينهن جو تعليم کاتي ۽ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن ۽ ٻيو اجلاس 3 وڳي ڏينهن جو سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن سان ٿيندو. ٻئي پاسي ڪي ايڇ جي چيئرمين گل فراز احمد خان، فردوس اتحاد جي چيئرمين غلام عباس جمال ايڊووڪيت ،ڪراچي باسڪٽ بال ٽيم جي ڪوچ زين العابدين چنا، سٽي اسڪول جي ڊي پي ِاي عامر شريف ،فائونڊيشن اسڪول جي اسپورٽس آفيسر شگفته احمد، پيرا اسپورٽس پاڪستان جي ڪشور زهره ،ڪي پي ٽي جي جنرل مئنيجر اسپورٽس ميجر رياض محمد ڪمشنر ڪراچي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.  ان موقعي تي ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان به موجود هو. هنن ملاقات ۾ ڪمشنر ڪراچي کي پنهنجي پنهنجي ادارن پاران ميراٿون ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي ۽ اعلان ڪيو ته 29 جنوري تي نشان پاڪستان سي ويو تي صبح جو ساڍي 8 وڳي پهچي ميراٿون ۾ شرڪت ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.