ڪوٽڙي: موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ بين الصوبائي گروپ جو جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي(ن ع آ) ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ بين الصوبائي گروپ  جو هڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي ايس پي ڪوٽڙي ملڪ رياض ايس ايڇ او سائٽ ڪوٽڙي خير محمد ملهه اي ايس آءِ  اياز حسين بگهيو پوليس پوسٽ خدا جي بستي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪوٽڙي سائيٽ خدا جي بستي ٽيليگراف ڪالوني جي مختلف علائقن مان موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ گينگ جو ھڪ جوابدار امجد علي کوسو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ڪوٽڙي مان چوري ڪيل 5 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا، جوابدار ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن ۾ ملوث آهن جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جوابدارن جي ساٿي وقار شاهه آصف شاهه ۽ اڪبر منگي کي به گرفتار ڪيو ويندو. موٽرسائيڪل جي جلدئي مالڪن حوالي ڪيو وينديون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.