لطيفي پئنل چونڊ نتيجا مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيا

ڀٽ شاھ (ن ع آ)  لطيفي پينل جي سرواڻ سيد گدا حسين شاھ لطيفي پنهنجي رهائش گاھ تي لطيفي پينل جي آزاد اميدوارن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊ نتيجا مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيا آهن ,سيد گدا حسين شاھ پنهنجي پينل جي اميدوارن سيد فدا حسين شاھ لطيفي۔محمد يونس سومرو.منير کوسو، امير علي بليدي ۽ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته 15 جنوري تي بلدياتي اليڪشن واري ڏينهن مخالف اميدوارن ڀٽ شاهه جي نگري هٿياربند گهرائي عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري فائرنگ ڪري 2 ڄڻا زخمي به ڪيا آهن مخدوم محمد امين فهيم ۽ مرحوم شاهنواز جوڻيجو ڪڏهن به اهڙي ڌانڌلي ۽ رتوڇاڻ واري اليڪشن جو حصو نه بڻيا ۽ انهن ڪڏهن به هٿيار بند وٺي ڀٽ شاھ تي ڪاهه نه ڪئي هئي، پر اسانکي سندن اولاد تي افسوس آھي جن لطيف سائين جي پرامن نگري ۾ دھشت ڦھلائي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.