ايوان زراعت سنڌ پاران روهڙي ڪينال ڪپرن تان مٽي کڻڻ تي ڳڻتي جو اظهار

حيدرآباد( رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ پاران سنڌ جي زرعي معيشت جي شهه رڳ روهڙي  ڪينال خيرپور سرڪل جي حدن ۾ ڪئنال جي ڪپرن تان مٽي پٽي ڪپر ڪمزور ڪرڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار، روهڙي ڪئنال جي تباهيءَ ۽ بربادي سان هيٺ نصير ڪئنال ۾ پاڻي جي فراهمي جي صلاحيت  سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي کان روهڙي ڪئنال جي تباهي ۽ واري مافيا خلاف سخت ايڪشن عمل ۾ آڻڻ جو مطالبو. ان سلسلي  ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي  ايوان زراعت جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد مان جاري ڪيل پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته روهڙي ڪئنال ايشيا جو بهترين ڪئنال آهي، جنهن جي پکيڙ 2 سئو ميلن تائين آهي، روهڙي ڪئنال جي زرعي معيشت جي شهه رڳ آهي پر افسوس واري مافيا سکر بئراج جي سالياني بندي دوران روهڙي ڪئنال خيرپور جي ڪپرن کي پٽي مٽي کڻي ڪمزور ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته روهڙي ڪئنال 18 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي سگهه رکي ٿو، جنهن جي ڪپن کي واري مافيا پاران تباهه ڪرڻ سان ڪئنال ۾ بندي بعد گهارا پوڻ جو خطرو ۽ هيٺ نصير ڪئنال ۾ پاڻي جي فراهمي جي صلاحيت سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.