ڪراچي جي ميئرشپ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مستقبل

تحرير: حنيف بخشي

جڏھن کان سنڌ جي 13 ھون گورنر ڪامران ٽيسوري مقرر ٿيو آھي ـ ان وقت کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڌ کان گھڻا مسئلا حل ٿيڻ جي اميد ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي ـ وڏي عرصي کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي خواھش ھئي ته سنڌ ۾ انھن جي پارٽي جو گورنر ۽ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو وڃي ـ انھن ٻنھي عھدن جي شرطن  جي ڪري اڄ ايم ڪيو ايم وفاق ۽ صوبي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪجهھ معاملن  جي ڪري ساڻ بيٺي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ـ اڄ ايم ڪيو ايم 2002 جي پوزيشن تي بيٺي آھي ـ ان وقت به ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ اڄ 2023 ۾ به ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ھو ـ ھي موجوده ايم ڪيو ايم جي لانگ ٽرم اسٽريٽجي تصور ڪئي وڃي ٿي ـ

سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي استعيفيٰ کان پوءِ 2016 کان 2023 تائين ايم ڪيو ايم پاڪستان پنھنجي تاريخ ۾ وڏو ڏکيو وقت ڏٺو آھي ۽ وڏي ڏکي دور مان گذري آھي ـ انھن ستن سالن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اندر ٽوڙ ڦوڙ ٿي  ۽ ڪارڪن نااميدي جي ڪري پارٽي کان ڪناراڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ـ

موجوده ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون به مڪمل ٿي ويون آھن جنھن جا نتيجا جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جي اڪثريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ـ ۽ ٽين نمبر تي پي ٽي آءِ آھي ـ ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ھن وقت ڪراچي جي ميئرشپ ڪنھن جي حصي ۾ اچي ٿي ـ عين ممڪن آھي ته جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ميئرشپ ۽ ڊپٽي ميئرشپ جو فيصلو ڪن ـ

وفاق ۽ سنڌ ۾ به پيپلز پارٽي جون حڪومتون آھن ـ  ان اھم وجھه جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته انھن ٻنھي جماعتن ۾ ڪنھن ڳالھه تي اتفاق ٿئي ـ ڇو ته اڪثر و بيشتر شھر جي ترقي ۽ شھر جي نون ترقياتي پروجيڪٽ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبي کان ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ ڪثير رقم جاري ڪرائي سگھجي ٿي ـ جيئن شھر  جا ڳنڀير مسئلا سولائي سان حل ڪيا وڃن ـ

خير ماضي ۾ 2002 جي تجربي جي بنياد تي جماعت اسلامي جو اميدوار ڪراچي جي ميئرشپ جي لاءِ موزون اميدوار ڏسڻ ۾ اچي ٿو ـ جنھن کي ڪراچي جي شھري علائقن مان گھڻو ووٽ حاصل ٿيو آھي ـ جنھن ڪري ڪراچي ۾ ٻي وڏي پارٽي  ڪامياب۔  ڏسڻ ۾ آئي ـ ھاڻي ان جماعت جي ووٽرن جي اھا اميد ھوندي ته انهن جي علائقن ۾ تمام مسئلا جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان حل ٿين ـ

سوچڻ جي ڳالهھ اھا آھي ته ڪراچي جي شھري علائقن ۾ جتي جماعت اسلامي جو ووٽ بينڪ آھي ـ اتي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو به وڏو ووٽ بينڪ آھي ـ ماضي ۾ جڏھن به ايم ڪيو ايم ڪراچي جي شھرن مان اليڪشن وڙھي ته پوءِ جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم جو مقابلو ن ڪري سگھي  ۽ جڏھن به ايم ڪيو ايم اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ته جماعت اسلامي ڪاميابي حاصل ڪئي ـ

بحرحال ڪراچي جي سياست ۾ جيترو ايم ڪيو ايم پاڪستان  جو ووٽ بينڪ آھي اوترو جماعت اسلامي جو به ووٽ بينڪ آھي ـ ٻنھي جماعتن ۾ فرق صرف ايترو آھي ته ھڪ جماعت اردو زبان جي جماعت جي نالي سان ووٽ وٺندي آھي ـ ته ٻي جماعت اسلامي تشخص جي نالي سان ووٽ وٺندي آھي ـ ماضي ۾ انھن ٻنھي جماعتن ۾ سخت مقابلو ٿيندو رھيو آھي ـ ۽ ٻنھي جي سوچ ۽ فلسفي ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي ـ ھڪ کي لساني جماعت جي نالي سان سڄاتو وڃي ٿو ـ ۽ ٻي جماعت کي مذھب جي نالي سان ـ ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته جماعت اسلامي ڪراچي جي عوام جي لاءِ ڇا ڪري سگھي ٿي ـ ڇو ته ان جي مقابلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو پريشر سامھون ڏسڻ ۾ اچي ٿو ـ جنھن في الحال چپ جو روزو رکيو آھي  ۽ ايم ڪيو ايم وفاق ۽ صوبي جي سياست تي گھري نظر رکي ويٺي آھي ـ ۽ ٻئي طرف پنھنجي پارٽي جي تمام گروپن کي گڏ ۽ متفق ڪرڻ ۾ ڪامياب ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي ـ ۽ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ھيٺين سطح تي ڪارڪنن ۾ نئين روح پيدا ڪرڻ چاھي ٿي ـ ۽ ڪارڪنن کي مضبوط ڪرڻ چاھي ٿي ته جيئن پنھنجا اختلاف ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري سگھجن ـ

جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پاڪستان اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪري ھا  ته پڪي اميد ھئي ته جماعت اسلامي کي ايترا گھڻا ووٽ نه ملن ھا ـ ۽ ڪراچي شھر جو ووٽ بينڪ ورهائجي وڃي ھا جنھن ۾ جماعت اسلامي سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ کي به گھڻو ووث ملڻ جي توقع ٿي رھي ھئي ـ ڇو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بائيڪاٽ کان پوءِ ڪراچي جي شھرين جي لاءِ موجودا حالتن ۾ جماعت اسلامي کان بھتر ٻيو ڪوئي نٿو ٿي سگھي ـ ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ڪراچي جي ميئرشپ ڪھڙي فارمولي تحت طئي ٿئي ٿي ۽ ان جا شرط ڪھڙا ھوندا ـ ان دوران ايم ڪيو ايم کي پنھنجي پارٽي کي ٻيھر نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ سٺو وقت ملي ويندو ۽ اھا ٻيھر پنھنجي نئين طور طريقي سان گڏ سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيڻ جي خواھش رکي ٿي ـ

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي لاءِ ڪڙو امتحان پنھنجي اڳوڻي باني سان لاتعلقي برقرار رکڻ آھي ـ جنھن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ثابت قدم بيھڻو پوندو ـ اھي ئي شرط آھن جنهن جي ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تمام گروپن کي پاڻ ۾ گڏ ۽ متحد رکڻ ۾ معاون ثابت ٿيندا ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.