دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري عورت” سسٽر آندري“ لاڏاڻو ڪري وئي

پئرس( ويب ڊيسڪ) سسٽر آندري جي نالي سان مشهور فرانسيسي راهبا دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري عورت لوسيل رينڊن 118 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

لوسيل رينڊن يارنهن فيبروري اڻويهه سئو چار ۾ فرانس ۾ پيدا ٿي، هن ٻئي مها ڀاري جنگيون ڏٺيون، ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ 108 ورهين جي ڄمار تائين پاڻ کي ڪم ڪار ۾ مصروف رکيائين.

هڪ مهينو اڳ هڪ انٽرويوءَ ۾ رينڊن چيو هوته کيس پيرسني انڪري بُري لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته هوءَ  هاڻ ڪم ڪار نٿي ڪري سگهي.

هن چيو هو ته هوءَ ٻارن کي ڊانس جي سکيا ڏيندي هئي، هاڻي ٻين جي محتاج آهيان.

رينڊن وفات بعد  دنيا جي سڀ کان وڏي عمر جي عورت جو اعزاز ماريه برانيس موريرا کي ملي ويو آهي.

115 ورهين جي موريرا آمريڪا ۾ پيدا ٿي هئي ۽  هاڻي اسپين ۾ رهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.