شيرانپور لڳ گهرو اڻبڻت تان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد (ڊر ) شيرانپور ويجهو گهرو اڻبڻت تان نوجوان پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏي، تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ فضل جعفري واسي 18 سالا نوجوان دُرمحمد پٽ فضل محمد جعفري پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،واقعي بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،رابطو ڪرڻ تي فوتي نوجوان جي والد فضل محمد جعفري ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ جو دماغي توازن صحيح نه هو جنهن تان پڻ هن انتها قدم کنيو . پوليس واقعي واري هند پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيوجتان ضروري ڪاورائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.