سڪرنڊ ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف عورتن ۽ ٻارن سوڌو سوين ماڻهن جو ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ۾ سستو اٽو نه ملڻ ۽ اٽي جي اگھ ۾ اضافو ڪرڻ ڪري پورهيتن ، عورتن ٻارڙن ۽ مردن پاران سخت سيءُ ۾ سڪرنڊ فلور ملز قومي شاهراھ وٽ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، قومي شاهراھ بلاڪ ٿيڻ ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين  گاڏيون بيھجي ويون، متاثر پورھيتن  پاران دانهون ڪيون ويون، ان موقعي تي متاثرن علي نواز بروهي، عثمان، صدام، مسمات رحيمان، مسمات ڪيوڙي، ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو  ته اسان مسڪين پورهيت غريب آھيون، فلور ملز انتظاميا 650 مان 950 تي اٽو ڏئي پئي ان ۾ ڊگھي لائن لڳل آھي، ڪجھه ماڻھن کي اٽو ملڻ بعد ڪوٽا ختم جو سبب ڄائاڻي اٽو نٿو ڏنو وڃي، اسان اٽو وٺڻ لاءِ مزدوري ڪرڻ به نٿا وڃون، سڄو سڄو ڏينھن ڊگھي قطار ۾ بيھڻ بعد به سستو اٽو نٿو ملي، ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سستي اٽي جي ٿيندڙ ورهاست کي آسان بڻائي اضافو ڪيل اگھه گهٽايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.