دادو: لطيف آفريدي جي قتل خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ`

دادو() دادو ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ جي نامياري قانوندان لالا لطيف آفريدي جي قتل واقعي خلاف دادو بار جي صدر عبدالحڪيم لغاري، جنرل سيڪريٽري ابوبڪر رند، جوائنٽ سيڪريٽري رضا محمد ڀنڊ، خزانچي عطيق احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ دادو بار جي وڪيلن دادو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ واقع 10 عدالتن ۾ عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.، دادو جي نامور وڪيل ۽ بار جي صدر عبدالحڪيم لغاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ جي هڪ ناليواري وڪيل جو قتل اتان جي صوبائي ۽ ملڪ جي وفاقي حڪومتن پاران عدالتن ۾ مقرر ڪيل سڪيورٽي جو فيليور آهي اسان وفاقي ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته قانوندان لالا لطيف آفريدي جي قاتلن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي ۽ عدالتن ۾ سڪيورٽي جو انتظام بهتر ڪيو وڃي، وڪيلن جي احتجاج ۽ بائيڪاٽ سبب عدالتي ڪاروائي معطل رهي.

خيرپور آرٽس ڪائونسل جون چونڊون رولڙي جو شڪار

خيرپور ( س  ر  ) خيرپور آرٽس ڪائونسل جون چونڊون رولڙي جو شڪار ٿي ويون، چونڊ شيڊول سميت حتمي ووٽر لسٽ تيار نه ٿي سگهي، ٻه هفتا اڳ ڪلچر کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل آرٽس ڪائونسل جي ميمبرن پاران اماڻيل شڪايتن بعد ڊپٽي ڪمشنر/ چيئرمين آرٽس ڪائونسل خيرپور کي ميمبرشپ لسٽ ٻيهر مرتب ڪرڻ سميت فنڊن جي چڪاس ڪرڻ بابت ليٽر جاري ڪيو هو. جنهن بعد آرٽس ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر 9رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏيئي فيسن فنڊن جو رڪارڊ  کڻي اچڻ جو آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر سانول ڳاهو ۽ جنرل سيڪريٽري آرٽس ڪائونسل ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر اڪبر شاهه کي پابند بڻايو، اڪبر شاهه سميت آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي ڪابينا ڪاميٽي آڏو رڪارڊ ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ سبب ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ پيش نه ڪري سگهي ۽ ڪاميٽي سرد مهري جو شڪار ٿي ويئي، هوڏانهن آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر شيراز شاهه جيلاني چيو آھي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل ٻن سالن دوران اڳوڻي باڊي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي آھي، جڏھن ته هنن آرٽس ڪائونسل جي فنڊن مان پيسا ڪڍائي پنهنجن من پسند ميمبرن جون فيسون ادا ڪيون آھن ته جيئن اڳوڻي ڪابينا هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊجي سگهي. ناليواري ليکڪ شاعر حبدار جاگيراڻي چيو ته آرٽس ڪائونسل جي آئين کي هڪ منظم جعلسازي سان تبديل ڪري ڊپٽي ڪمشنر جا اختيارختم ڪيا ويا آھن. هن چيو ته اهڙي جعلي آئين تي جعلي صحيون ڪري ان کي قانوني شڪل ڏني وئي آھي، جڏھن ته جعلي ميمبرن کي اجلاس ۾ ويهاري جيڪي فيصلا ڪيا ويا آھن انهنکي ڪهڙي قانون تحت قبول ڪجي، سگھڙ خليل الرحمن مهيسر چيو ته ڊي سي خيرپور پاران جوڙيل ڪاميٽي کي ڇنڊڇاڻ نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي هنن مٿان سياسي قوتون حاوي آھن ڏھن ڏينهن اندر ڪاميٽي کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻي هئي جيڪا تاخيري حربا استعمال ڪندي ڪجه ڏيو ڪجه وٺو جو اصول لاڳو ڪندي راڄوڻي فيصلوڪرڻ جو ماحول جوڙيو پيو وڃي

سڪرنڊ ۾ اسڪول مان چوري خلاف استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شهر جي مهراڻ ڪالوني جي پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران اسڪول مان فرنيچر ۽ پکا چوري  ٿيڻ خلاف سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.، ان موقعي تي استاد گلاب سوچي، استاد وزير حسين رند ۽ شاگردن چيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار موجود نه آهي، نامعلوم چور اسڪول جو فرنيچر ، پکا ۽ لائيٽ جو سامان سولر پليٽون چوري ڪري ويا آهن. اسان ٿاڻي ۽ بالا آفيسرن کي بار بار ٻڌايو ته پر ان باوجود به چوري واپس نه ٿي ڪرائي وڃي مجبور ٿي شاگردن سان گڏ روڊ تي انصاف لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر انصاف نه ٿو ملي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

بسڪٽ ٿو کائين: ميرپورخاص ۾ هوٽل مالڪ نينگر تي گرم چانهه اڇلائي ڇڏي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي ريلوي اسٽيشن لڳ چانھ جي هوٽل تي چانھ وٺڻ لاءِ ويل صوفي فقير جي رهواسي پورهيت ٻار حيدرهاليپوٽي تي هوٽل جي مالڪ پاران هوٽل جو بسڪٽ چوري ڪري کائڻ جي الزام تي ڪاوڙجي ٽهڪندڙ چانھ جسم تي هاري ڇڏي جنهن تي پورهيت نينگر زخمي ٿي پيو. جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال نيو ويو، هوٽل جي مالڪ پاران چوري جو الزام هڻي چانھ هاري زخمي ڪيل پورهيت ٻارهوٽل مالڪ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته  مان هوٽل تان چانھ وٺڻ لاءِ ويس جتي کنڊ جي برت مان کنڊ جا ٻه داڻا کڻي وات ۾ وڌا ته هوٽل مالڪ چيو ته تو بسڪٽ چوري ڪري کاڌو آهي، مون قسم کڻي کيس چيو ته مون بسڪٽ چوري نه ڪيو آهي ۽ نه وري اوهان جو ڪو بسڪٽ کاڌو آهي مون صرف ٿانو ۾ پيل کنڊ جا ٻه چار داڻا کڻي وات ۾ وڌا آهن جنهن تي هوٽل مالڪ دڙڪا ڏيندي چانھ مون مٿان هاري زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بسڪٽ چوري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هڻي ٽهڪندڙ چانھ هاريندڙ هوٽل مالڪ خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.