قوم مهانگائي ۾ مرڻ لڳي،باجوا دبئي ۾ شاپنگ پيو ڪري:ڪئپٽن (ر) صفدر

لاهور (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ڪئپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته قوم مهانگائيءَ ۾ مري رهي آهي ۽ اڳوڻو آرمي چيف قمر جاويد باجوا دبئي ۾ شاپنگ ڪري رهيو آهي. لاهور جي مقامي عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ ڪئپٽن (ر) صفدر چيو ته مان آئين جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، آئين مون کي حق ڏنا آهن، مون تي ڪيس جي پويان بااثر هٿ هئا.هن چيو ته قوم مهانگائي ۾ مري رهي آهي ۽ اڳوڻو آرمي چيف قمر جاويد باجوا دبئي ۾ مهانگي شاپنگ جا مزا وٺي رهيو آهي.ڪئپٽن (ر) صفدر دعويٰ ڪئي ته گذريل رات ئي قمر جاويد باجوا وائٽ گولڊ خريد ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ثاقب نثار ۽ قمر جاويد باجوا ملڪ تباهه ڪيو.

باجوا ڊيٽا ليڪ ڪيس:صحافي شاهد اسلم جي ضمانت درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ٽيڪس ڊيٽا ليڪ معاملي ۾ گرفتر صحافي شاهد اسلم گرفتاري کان پوءِ جي ضمانت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.شاهد اسلم اسپيشل جج سينٽر اسلام آباد جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل ميان اشفاق ذريعي درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ ايف بي آر ۽ عبدالماجد يوسفاڻي کي ڌر بڻايو ويو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شاهد اسلم کي ڪيس ۾ زباني ڪلامي بنياد تي ۽ غلط نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهد اسلم واقعي ۾ ملوث ناهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪيس جي درخواست ۾ درخواست گذار جو نالو نه لکيو وو، شاهد اسلم صحافي آهي، کيس جرنلسٽ پروٽيڪشن ايڪٽ تحت تحفظ حاصل آهي، سندس خلاف ڪيس مفروضن تي ٻڌل آهي، ضمانت منظور ڪئي وڃي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن جڊيشل مئجسٽريٽ صحافي شاهد اسلم کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو هو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.