والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم واپس وٺڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون ناممڪن آهن: وزيراعظم آفيس

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي  ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي، وزيراعظم آفيس پاران ڪالهه اڱاري ڏينهن جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ترجمان چيو ته وزيراعظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي هم منصب نريندر موديءَ کي سنجيدا ۽ هاڪاري ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي،پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب رياستن جو دورو سڀ کان ڪامياب دورو ثابت ٿيو، سعودي عرب ۽ يو اي ايِ سان تاريخي لاڳاپا آهن،يو اي ايِ پاڪستانين لاءِ ٻئي وطن جهڙو آهي شهباز شريف چيو ته دوست ملڪ وقت سر مدد نه ڪن ها ته صورتحال کي منهن ڏيڻ ناممڪن هجي ها، نار وارن ملڪن جي مدد سان مُلڪ جا مئسلا گهٽيا آهن پر اسان امداد سيڙپڪاري جي صورت ۾ چاهيون ٿا،وزيراعظم ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته وزيراعطم نريندي مودي کي سنجيدا ۽ هاڪاري ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو،هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي فضول جي ڇڪتاڻ ۽ جهيڙن مان نڪرڻو پوندو ۽ ٻنهي ملڪن کي عوام جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڀارت پنهنجو رويو تبديل ڪري ڳالهيون ڪري ته اسان تيار آهيون،سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٽي جنگون وڙهي بُک، بيروزگاري کان سواءِ ڪجھه حاصل ناهي ڪيو، عوام لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهي ٿي ويو آهي ، هاڻي اسان کي اِهو سلسلو روڪڻو پوندو تنهنڪري ٻنهي مُلڪن کي اختلاف ختم ڪري سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو، ڪشمير سميت سمورن تڪراري مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون اڻثر آهن،وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي روڪڻي پوندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.