جست پاران سن ۾ ريلي، سيد جي مزار تي حاضري ڀري وئي

ڄامشورو/مانجهند: سن جيئي سنڌ تحريڪ طرفان سنڌ جي قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگرهه جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھ سنڌي ،نصير منگي ،قيوم ابڙو، ساگر سيال، آڪاش کٽي جي اڳواڻي ۾ سن جي ها۽ اسڪول کان سيد جي مزار تائين پيادل ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي. سيد جي مزار جي احاطي ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. ۽ ميڙاڪو ڪيو ويو. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھ سنڌي ،نصير منگي ۽ ٻين چيو ته جهڙي طرح اڄ سن ۾ قومي ڪارڪنن مٿان ظلم ۽ بربريت ڪئي وئي آهي ان جو مثال سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ نه ٿو ملي قومي ڪارڪنن، نياڻين مٿان فائرنگ، لاٺي چارج ڪري چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. سيد جي سالگرهه تي آيل پرامن قومي ڪارڪنن ۽ نياڻين مٿان تشدد آمريت کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هيو جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي صحافين کي ٻڌايو ته جيئي سنڌ تحريڪ جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مختيار علي، مقصود پتافي، سرمد ميمڻ قرنان ڪورائي ۽ ٻين کي سن مان آڪري ٽول انڊس هاءِ وي تان گرفتار ڪري ان ڄاڻايل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جن جي زندگيين کي خطرو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.