فيبروري ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان، سيد انسانيت جو درس ڏنو: صنعان قريشي

ڄامشورو/مانجهند ( ويب ڊيسڪ ) سن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 119هين سالگرھ تقریب ملهائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد   مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي وئي، جنهن بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ رھبر سنڌ سائين جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي جلسي جي شروعات ڪئي.

جلسي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته  دنيا جڏهن بارود جي ڍير تي بيٺي هئي ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد فڪري طور تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي مذهب جي درست تشريح ڪئي، تصوف جو فڪر عام ڪيو.

هن چيو ته معاشرو نفرت، ويڙھ سان نه پر محبت ۽ ڀائيچاري سان تبديل ٿيندو، ان پيغمبر صفت انسان جي سالگرھ تي ايندڙ جسقم جي قافلن کي روڪيو ويو آهي، جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سن کي نو گو ایریا بڻايو ويو آهي، هن چيو ته سيد جي فڪر جي روشني ۾ سنڌ جي مالڪي ڪري رهيا آهيو، اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ جيل ۽ ٻيون سختيون ڀوڳيون آهن.

سندس چوڻ هو ته  سيد جي فڪر جي ڪُک ۾ ڇُرو نه هنيو وڃي ،عدم تشدد جي واٽ کان سواءِ جدوجهد سيد جي فڪر سان دوکو ۽ ڍونگ آهي، وقت جي حڪمرانن سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي ٻڏل سنڌ جا سمورا حق هڙپ ڪيا ۽ هاڻي هٿرادو مهانگائي ڪري سنڌ ۾  اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن تي 12 فيبروري تي نوشهرفيروز ۾ احتجاج ۽ ريلي جو اعلان ڪيان ٿو.

هن چيو ته 14 فيبروري تي محبت جي عالمي ڏينهن تي شهيد بابا بشير قريشي جي مزار تي ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ کي پنهنجي حصي جي ٻوٽي ۽ وڻ لڳائڻ جو سڏ ڏيان ٿو.

جلسي کي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سيد جي پرامن ڪارڪن کي نه روڪيو وڃي، هي سنڌ جا عاشق آهن جيڪي رھبر جي سلامي لاءِ ايندا رهندا.

جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته جسقم سنڌ جي قومي نمائيندا پارٽي آهي جنهن جا ڪارڪن پرامن ۽ هٿين خالي آهن جن جي تلاشي سان رڳو ڪتاب ۽ قلم ملي سگهي ٿو، تنهن سيد جي هن متوالن کي روڪڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

مرڪزي ماليات سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو ،جيئي سنڌ ناري تحريڪ آرگنائيزر مرڪ جان پيرزادو،جساف اڳواڻ ياور مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.