نگران وڏي وزير لاءِ پرويز الاهي جي ڏنل نالن تي اعتراض ناهي: ملڪ احمد

لاهور( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل نالا اڄ آصف زرداري جي آڏو پيش ڪندو، پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي نمائندي ملڪ احمد خان چيو آهي ته پرويز الاهي پاران ڏنل ٽن نالن تي ڪو خاص اختلاف نه آهي. ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته منهنجي پرويز الاهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي آهي، پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ اسان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي . وزيراعظم شهباز شريف شارٽ لسٽ ڪيل نالا حتمي مشاورت لاءِ آصف علي زرداري آڏو پيش ڪندو، آصف زرداري سان مشاورت کانپوءِ 3 نالا فائينل ڪري گورنر پنجاب ڏانهن اماڻيا ويندا. 03

عدالت حڪم ڏئي ته عمران خان کي گرفتار ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري عدالتي حڪم سان جوڙي ڇڏي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جي عوام کي مبارڪ هجي ته سڀ کان وڏي ڦورو، فرح گوگي راڄ جو خاتمو ٿيو. عمران خان جي گرفتاري تي سندس چوڻ هو ته ان جا ڪيس عدالتن ۾ آهن، عدالتون گرفتاري جو حڪم ڏين ته گرفتاري ٿيندي. هن چيو ته اسان عمران خان کي اڳ ئي چيو هو اليڪشن ۾ اچو، پي ٽي آءِ جي 10 کان 12 ماڻهن اسان سان رابطو ڪيو، اهي اسيمبلي نه پيا ٽوڙڻ چاهين، گورنر آئيني حق استعمال ڪندي اعتماد جي ووٽ جو چيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان ڀرپور انداز ۾ چونڊ وڙهنداسين، چونڊ مهم شروع ٿيندي ته سڀني کي خبر پوندي ن ليگ جو ووٽر متحرڪ آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.