لاڙڪاڻي ۾ غريب عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي، بينڪ لنڪ بند، احتجاج،ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن کي وظيفي جي رقم جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ مبينا طور بئنڪ انتظاميه لنڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي مستحق عورتن کي تنگ ڪرڻ لڳي آهي اهڙي عمل خلاف مستحق عورتن المرتضي روڊ ڀرسان قائم خانگي بئنڪ جي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مستحق عورتن مستحق لطيفان، ڪلثوم، نصيبان ۽ ٻين دانهيو آهي ته اسان شهر جي مختلف علائقن مان آيا آهيون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 7 ھزار واري قسط وٺڻ لاءِ پر هتي بئنڪ ايڇ بي ايل جي عملي لنڪ بند ڪري ڇڏي آهن جنهن ڪري اي ٽي ايم مان قسط جاري نٿي ڪئي وڃي مجبور ٿي روڊ تي احتجاج ڪري رهيا آهيون، اسان کي بئنڪ جي اي ٽي ايم مان مڪمل رقم ست هزار رپيا ملي ٿي انهي ڪري اچون ٿا سينٽرن تي موجود ايجنٽ 500 کان هڪ 1000 هزار روپيا ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي اسان غريب آهيون مهانگائي ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون خدارا واهر ڪري ايم ٽي ايم مشين تي لنڪ هلائي قسط جاري ڪئي وڃي. ٻئي پاسي بئنڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ايم ٽي ايم سسٽم جي مانٽنرگ هيڊ آفيس ڪراچي ۾ آهي اسان لنڪ بند نٿا ڪري سگهون ۽ ڪنهن کان ڪا به ڪٽوتي نه ٿي ڪئي وڃي مستحق عورتن کي گهرجي ته هو پاڻ بئنڪ انتظاميه سان سڌي ريت رابطو ڪن باقي ايجنٽن سان اسان جي بينڪ جو ڪو به واسطو ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.