سياسي پارٽين کي شڪست قبول ڪرڻ جي روايت قائم ڪرڻ گهرجي

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو، سنڌ جي ٻن وڏين، اهم ڊويزن حيدرآباد ۽ راڄداني ڪراچيءَ ۾ خير سان ٿي چڪو، ڇو ته هڪ ته انهن کي 3 ڀيرا اڳ مختلف سبب ڄاڻائي ملتوي ڪيو ويو ۽ وري 15 جنوريءَ تي چونڊ ٿيڻ جي 2 ڏينهن کان پهرين رات جو دير سان سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۽ دادو ضلعي جي ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيل علائقن ڪي اين شاهه، ميهڙ ۽ جوهيءَ ۾ چوٿون ڀيرو، ايم ڪيو ايم جي ڪراچيءَ ۾ تڪبندين تي اعتراض جو سبب ڄاڻائيندي انهن کي ملتوي ڪيو ويو پر هن ڀيري اليڪشن ڪميشن هر حال ۾ چونڊن ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو پر پوءِ به چونڊن جي هڪ ڏينهن کان اڳ پولنگ عملي کي سامان ورهائڻ واري ڏينهن تائين ٻڏتر واري صورتحال رهي ته چونڊ ٿيندي به الائي نه جنهن ڪري ڪافي پولنگ عملو نه پهچي سگهيو ۽ ڊي سيز جي آفيسن مان به دير سان سامان ورهايو ويو، جڏهن اليڪشن جو يقين ٿي ويو.

هن ڀيري ٿيل مڪاني چونڊون اڳ ٿيل عام ۽ مڪاني چونڊن کان بنهه مختلف رهيون. هڪ ته مختلف دهشتگرد تنظيمن طرفان چونڊون ڪرائڻ تان ڌمڪيون مليل هيون ۽ ٻيون وري سيڪيورٽي ادارن جو جيترو سهڪار هجڻ گهرجي ها، اهو نه هيو. انهن جي ڳڻتين مان اهو صاف نظر اچي رهيو هو ته چونڊون نه ٿين پر جس هجي اليڪشن ڪميشن کي، جنهن هر خطرو پنهنجي سر تي کڻي چونڊون ڪرايون. جيتوڻيڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ جهيڙا رهيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا پر پوليس امن امان جي صورتحال تي ضابطو آندو.  جنهنڪري ٻيو ڪو اڻ وڻندڙ واقعو نه ٿيو. ٻنهي ڊويزنن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي حساس پولنگ اسٽيشنون هيون پر اتي پوليس جي الرٽ سبب ووٽنگ عمل صحيح نموني هليو. ڪيترن ئي هنڌن تي پولنگ عملي ۽ پوليس اهلڪارن سان سياسي ڪارڪنن ۽ اميدوارن جو اڍنگو رويو رهيو پر ان ملڪ ۽ قوم جي خاطر ان کي برداشت ڪندي صبر جو دامن  پنهنجي هٿن مان نه ڇڏيو ۽ ووٽنگ جو عمل ڪرايو.

هاڻي جڏهن خير سان مڪاني چونڊون ٿي ويون آهن ته ان تي سياسي پارٽين کي اعتراض آهن، خاص ڪري انهن کي، جن کي چونڊن ۾ شڪست ملي. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم پريس ڪانفرنس ڪندي مڪاني چونڊن ۾ سئو سيٽن تي جماعت اسلامي جي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي پ پ تي چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جو الزام مڙهيو. سندس چوڻ هو ته 30 ووٽر لسٽن ۾ ڦيرڦار موجود آهي.

اهڙي ريت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقويءَ مڪاني چونڊ نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. جنهن ڪري کين چونڊ نتيجا قبول نه آهن. هي ته ٿيون سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سرسي سان کٽي ايندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جون مخالف سياسي پارٽيون، جن چونڊون هارائڻ کانپوءِ پ پ تي ڌانڌلين جا الزام مڙهيا پر حيرت تڏهن ٿي جڏهن پ پ جي اتحادين به اهڙو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو.

ان سلسلي ۾ وفاق ۾ پ پ جي اتحادي جماعت جمعيت علماءِ اسلام (ف) پ پ تي ڌانڌليءَ جو الزام هڻندي چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون 24 جولاءِ 2022ع کان ملتوي ڪندي ڪندي هلندڙ سال 2023 جي هلندڙ جنوري مهيني جي 15 تاريخ تي ڪرايون، جيڪي چونڊون نه پر ڏيکاءُ هيون. ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي ۾ سڀ ڪجهه اڳواٽ طئي ڪيو ويو هو، ڌانڌليون ڪري کين هارايو ويو. جڏهن ته چونڊ ٿيڻ کان اڳ رات جو دير سان ايم ڪيو ايم پاڪستان چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ ان جا بهادر آباد ۽ گورنر هائوس ۾ ڪيترائي اجلاس ٿيا ۽ 2 ڀيرا سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه کين پرچائڻ لاءِ وٽن لڙي به ويو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ جي گڏيل چيئرمين آصف زرداريءَ به سندن خدشن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر تنهن باوجود به رات جو دير سان متحده اڳواڻن خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، فيصل سبزواري، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي چيو ته چونڊن ۾ اڳواٽ ئي ڌانڌلي ٿي چڪي آهي. ڪير به کٽي اچي، هو انهن کي تسليم نه ٿا ڪن. مطلب ته کين چونڊن کان اڳ ئي ڌانڌلي نظر آئي پر سندن پوزيشن ڪمزور نه آئي، جنهنڪري کين پنهنجي شڪست ڏسندي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻو پيو.

عجيب ماجرا آهي . ملڪ ۾ عام چونڊون هجن يا مڪاني چونڊون، انهن ۾ هر ڪو حصو وٺندو آهي پر پوءِ جڏهن هارائيندو آهي ته چونڊ کٽي ايندڙ پنهنجي پارٽي مخالف تي ڌانڌليءَ جو الزام هڻندو آهي ۽ وري جتان پاڻ کٽي ايندو آهي، ان کي صحيح چونڊ قرار ڏيندو آهي. مطلب ته جتان پاڻ کٽي اچي اتي صحيح ۽ جتان هارائي ته اتي ڌانڌلين جو الزام. ملڪ ۾ اهو سلسلو گذريل ڪيترن سالن کان هلندو پيو اچي ۽ هن ڀيري به مڪاني چونڊن ۾اهو  ڏسڻ ۾اهو  پيو اچي. ڪير به پنهنجي شڪست کي دل سان قبول نه پيو ڪري. هر ڪنهن کي ڪرسي کپي. اقتدار کپي، عياشي کپي، باقي جمهوري ۽ پارلياماني نظام جي ڪنهن کي به ضرورت نه آهي.

ڌانڌلين جا الزام اهي هڻي رهيا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان چونڊن ۾ رنڊڪ بڻيل رهيا. مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام مڙهيندڙ هڪ سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ ڪراچيءَ جي سولجر بازار جي وارڊ 4 ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ وڃي 3 کان 4 بيلٽ باڪسز جون سيلون ٽوڙي ڇڏيون. جنهنڪري ووٽنگ وارو عمل بيهجي ويو.  ڇا اهو سندس رويو صحيح هو؟ جمهوري هو؟ هاڻي اهو ويهي ڌانڌليءَ جي ڳالهه ڪري ته ان کي ڇا چئجي؟ ان تي کلجي يا روئجي؟

چونڊن ۾ ضروري ته نه آهي جو سڀني کي فتح نصيب ٿئي؟ جنهن جي ڪارڪردگي بهتر هوندي ۽ عوام ۾ سٺي ساک هوندي ته عوام ان کي ئي ووٽ ڏئي کٽيندو. هارائڻ ۾ ڪو عيب نه آهي. تنهنڪري اسان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي چونڊن ۾ شڪست کي دل سان قبول ڪرڻ گهرجي. اهو اعليٰ پڻي ۽ مهذب پڻي جو اهڃاڻ آهي. مڪاني چونڊن ۾ هارائي ويندڙ اميدوارن کي مخالف سيٽن تي ويهي حڪومت جي  غلط ۽ غير جمهوري عملن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ته جيئن حڪومت بهتر ٿي سگهي ۽ عوام جا ڪم ٿي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.