اٽي، لٽي ۽ اجهي جو سکڻو نعرو

عامر خان مهيسر

سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان پيپلزپارٽيءَ جو راڄ قائم ۽ دائم آھي اِنهن 16 سالن اندر سنڌ ڪو به ھڪ اڀرندڙ سج سکيو ڏسي ناھي سگهي، جڏھن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏيهھ واپس وري رھي ھئي ته ھر ھڪ ماڻهو هن مان چڱائي جي اميد رکي رھيو ھو پر اھو ھڪ الڳ بحث ھو ڇو جو محترمه کي اقتدار مليو ئي ڪو نه، پر جن کي محترمه جي ڪري اقتدار مليو انهن وڏا ھٿ ڪري ٻنهي ھٿن سان نه صرف سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو پر سنڌ جي ماڻهن جي اھڙي ته تذليل ڪئي آھي شايد ئي تاريخ ۾ ائين ڪنهن سان ڪڏھن ٿيو ھجي.

سنڌ اندر موجودھ صورتحال ۾ اٽو آڻ لڀ ٿي ويو آھي ان جو مطلب اھو آھي ته ڏھاڙيدار، مسڪين، غريب، ھاري، پورھيت خريد ڪري ئي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس ناھي ھر ھڪ دڪاندار الڳ الڳ قيمتون مقرر ڪري ڇڏيون آھن جنهن جي ڪري ھيٺئين طبقي وارو ماڻهو خريد ڪري ئي نه ٿو سگهي، ٻيو وري ھاڻي اڪثر اھو ڏسڻ ۾ پيو اچي ته ھڪ گاڏي ڀرجي اچي ٿي جيڪا اٽي جي آھي اھا اھڙي طريقي سان ماڻهن کي اٽو ڏئي رھي آھي جيئن ڪنهن پينو فقير کي خير ڏنو ويندو آھي، تازو ھڪ منظر گذريل ڏينهن اکين اڳيان گذريو ھڪ رڪشا چنگچي اٽي سان ڀرجي آئي ھئي ۽ اڌ ماڻهن کي اٽو ڏنو ۽ اڌ کي ڪو نه ڏنو ويو ته ان رڪشا چنگچيءَ جي ڪڍ عورتون، ننڍڙا معصوم ٻار ۽ عمر رسيده ماڻهو ڊوڙندي ڏٺا سنڌ جي اھڙي بي حسيءَ تي اکين مان لُڙڪ لڙي آيا، ڌرتيءَ جي وسيلن، نوڪرين تي ڌاريو ماڻهو قابض ھجڻ ڪري ڌرتيءَ جا اصل وارث ۽ مالڪ اھڙي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ووٽ جي لالچ ۾ وڏي انگ ۾ ڌاري ماڻهوءَ کي آباد ڪري هنن کي سڃاڻپ ڪارڊ کان وٺي جديد قسم جون سهولتون ميسر ڪيون ويون آهن، جيڪڏھن ويساھ گهاتيون آھن ته سنڌ جي ماڻهن سان آھن، افسوس ان ڳالهھ جو آھي ته ھيءَ اُھا خوشحال سنڌ آھي جتي ماکي، مکڻ ۽ کير وڪڻڻ عيب سمجهيو ويندو ھو اڄ ان سنڌ جي اھڙي ته شڪل بگاڙي وئي آھي جو ماڻهن پنهنجا ٻچا وڪڻڻ ته شروع ڪري ڏنا آھن پر بک ۽ بدحالي کان ھاڻي بيزار ٿي ڪري خودڪشون ڪرڻ به شروع ڪري ڏنيون آھن.

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته اھڙي حالت نظر اچي رھي آھي جو ڪير به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي ھر ھڪ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آھي، سنڌ جي ڳوٺن، ٻهراڙين سميت وڏن شهر ۾ چورين، ڦرن جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن، سِنڌ اھڙي نازڪ صورتحال مان گذري رھي جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ ناممڪن بڻجي چڪو آھي بدامني جي باھ اھڙي نموني سان ڀڙڪي اٿي آھي جنهن کي روڪڻ ۾ حڪمران ۽ ادارا ناڪام ويا آھن، ننڍڙن معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين جا ھر روز واقعا پيش اچن ٿا، سنڌ جي اصلي وارثن ھندن جون نياڻيون جبري طور تي کنڀي مذھب جي نالي تي ڪوڙيون شاديون رچايون وڃن ٿيون، سنڌ جو نئون نسل ھر اھو نشو واپرائي رھيو آھي جنهن سان نه صرف سندس پر سنڌ جو مستقبل به تباھ نظر اچي رھيو آھي اھڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ سنڌ جا حڪمران ڪي به جوڳا قدم ناھن کڻي سگهيا، سِنڌ ۽ سِنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين، جبر، استحصال ۽ ڦرلٽ ۾ ڏينهون ڏينهن تمام گهڻو اضافو ٿي رھيو آهي.

سنڌ ۾ گذريل سال ھٿرادو ٻوڏ آڻي سنڌ جي ماڻهن کان ھڪ پري پلان تحت اجها کسيا ويا آھن جنهن کان پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن کان امداد جي نالي تي اربين، کربين رپيا وٺي حڪمرانن وري به پنهنجون ٽجوڙيون ڀري ڇڏيون آھن پر جنهن پورھيت، مسڪين، ھاري، ڏھاڙيدار مزدور جو اجهو ڊھي پٽ ٿي ويو اھو خيمن ۾ ٻچن سميت دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، ٻوڏ قدرتي آفت ته جيڪا ھئي پر ھنن حڪمران ان کي اڃان به وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ڪري ھٿ سان سنڌ جي ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو ھو جنهن جو مثال سموري سنڌ ۾ اڃان تائين پاڻي موجود آھي، خاص ڪري دادو ضلعي ۾ حڪمراني جي نااھلي جو واضح ۽ چٽو مثال اھو آھي ته ٻوڏ کي ايترا ڏينهن گذري چڪا آھن پر سنڌ جي ڳوٺن، ٻهراڙين مان پاڻي اڃان تائين نيڪال ناھي ٿي سگهيو، سنڌ جي ھاري جو گذر سفر پوک تي ھوندو آھي پر افسوس ان ڳالهھ جو آھي ته ان زمين ۾ اڃان تائين پاڻي ئي پاڻي آھي ته ھاري پوک ڪيئن ڪري سگهندو، حڪمرانن ھٿرادو ٻوڏ سان مسڪين ماڻهن جو معاشي قتل ڪيو آھي ۽ سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو آھي. حڪمرانن جي نااھلي سبب صرف سنڌ جا شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون ئي نه ٻوڙيون ويون آھن پر ايڪسيڊنٽ جي واقعن ۾ پڻ سنڌ جي ماڻهن جا خاندانن جا خاندان اجڙي ويا آھن سنڌ اندر پهريان اھڙو ڪو به واقعو اکين اڳيان ناھي گذريو جيئن ڪراچي کان ٻوڏ متاثر پنهنجي ڳوٺ دادو وڃي رھيا ھئا ته اوچتو ڪوچ کي باھ وڪوڙي وئي ۽ سمورا سڙي رک ٿي ويا ھئا نه صرف اھو پر ٻيو واقعو خيرپور ضلعي جا رھواسي ڦلپوٽا برادري جا ماڻهو قلندر لال شهباز تان واپس ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته ويگن کاھي ۾ ڪري پئي ھئي جنهن ۾ سمورا ويٺل ماڻهو مري ويا ھئا. ھڪ طرف سنڌ جي ماڻهن کان ٻوڏ جي صورتحال ۾ اجها کسيا ويا ۽ ٻئي طرف ماڻهن کان جانيون کسي امن، ۽ پيار واري ڌرتي سنڌ تي ھڪ ئي خاندان جا الڳ الڳ قبرستان پڻ قائم ڪيا ويا آھن اھي واقعا تاريخ جي ورقن ۾ گواھ رھندا ته پيپلزپارٽي جي دورِ حڪومت ۾ اھڙا ڪلور سنڌ سان ٿيا آھن.

سنڌ جي ماڻهن کي ھاڻي سجاڳ ٿي ڪري پيپلزپارٽي کان ووٽ جي صورت ۾ پلاند ڪري انهن کي سنڌ ۾ شڪست ڏئي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌ جي ڳوٺن، ٻهراڙين ۽ شهرن کي سيلاب جي صورت ۾ ٻوڙائڻ ۽ ڌارين کي آباد ڪري سموريون سهولتون ڏيڻ ۽ ڌرتيءَ جا سمورا وسيلا کپائي ڌرتيءَ کي ورھائڻ جا سانباھ ڪرڻ سميت ھٿ وٺي سنڌ ۾ اٽي جو بحران پيدا ڪري سنڌ جي ماڻهن کي بک وگهي مارڻ واري ناڪام ڪوششن کي ووٽ ذريعي تاريخي شڪست ڏئي سنڌ مٿان سک جا سج اڀارڻا پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.