ڪراچي ۾ پ پ ملهه ماري وئي، جماعت اسلامي جو ٻيو نمبر، پي ٽي آءِ ٻوٽو ٻارڻ ۾ ناڪام

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر(رپورٽر/نمائندا) ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي، حيدرآباد ۾ به واضح اڪثريت ماڻي ورتي. اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچي شهر جي  235 يونين ڪميٽين جي نتيجن ۾ پ پ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون 93 سيٽون کڻي سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي 86 سيٽن سان ٻئي ۽ تحريڪ انصاف 40 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. ن ليگ 7 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته آزاد اميدوارن 3، جي يو آءِ 3، تحريڪ لبيڪ 2،  مهاجر قومي موومينٽ هڪ – هڪ سيٽ کٽي سگهي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب شهر جي 246 مان 235 يونين ڪميٽين ۾ چونڊون ٿيون، جڏهن ته 11 سيٽن تي اميدوارن جي لاڏاڻي سبب چونڊون ملتوي ٿيون. ڪراچي جي ضلعي ملير جي سڀني 30 يوسين جا مڪمل نتيجا وصول ٿي چڪا آهن. ملير ضلعو 3 ٽائونن ۽ 30 يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ضلعي ملير ۾ پ پ 20 يوسين تي ڪامياب ٿي، پي ٽي آءِ ملير مان 4 يوسين تي ڪامياب ٿي، جماعت اسلامي 3، ن ليگ 2 يوسين تي ڪامياب ٿي، هڪ يوسي تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو. ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي چيئرمين جو نتيجو مڪمل ٿي ويو، جنهن ۾ 26 مان 15 يونين ڪائونسلز تي پ پ ۽ 9 تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي آهي، ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ سيٽ تي تحريڪ لبيڪ جو پئنل ڪامياب ٿيو ۽ هڪ سيٽ تي چونڊ ملتوي ٿي وئي. لياري ٽائون جي 13 مان 12 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن، جن مان 11 سيٽون پ پ کٽي ورتيون آهن ۽ پي ٽي آءِ هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي سگهي. صدر ٽائون جي سڀني 13 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ 8 ۽ پ پ 4 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي. سينٽرل (وچ) ضلعي ۾ نيو ڪراچي ٽائون جي 13 مان 11 يوسين جا نتيجا اچي ويا، نيو ڪراچي ٽائون جي 11 مان 10 سيٽن تي جماعت اسلامي ڪامياب ٿي وئي. نيو ڪراچي ٽائون جي هڪ سيٽ تي پ پ ڪامياب ٿي، هڪ سيٽ تي اميدوار جي لاڏاڻي سبب چونڊ نه ٿي. لياقت آباد ٽائون جي هڪ سيٽ جماعت اسلامي کٽي آهي، جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ماڙي پور جي 3 سيٽن مان 2 پ پ ۽ هڪ پي ٽي آءِ کٽي آهي. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ڪياماڙي جي ٻن سيٽن جا نتيجا سامهون آيا آهن، پ پ ۽ جي يو آءِ هڪ – هڪ سيٽ کٽي آهي، جڏهن ته ابراهيم حيدري ٽي ايم سي مان هڪ سيٽ پ پ کٽي آهي. پ پ 3، جماعت 4 ۽ پي ٽي آءِ هڪ ،گلشن ٽائون ۾ جماعت اسلامي 6 يونين ڪميٽيون، پ پ ٻه سيٽون ماڻيون. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو به جاري رهيو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب حيدرآباد ڊويزن جي مجموعي طور 3101 سيٽن مان پ پ مجموعي طور تي 1034 سيٽون کٽي سڀني کان اڳتي آهي. حيدرآباد ڊويزن ۾ آزاد اميدوار 92 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب رهيا، جڏهن ته تحريڪ انصاف 126، جماعت اسلامي 111 ۽ جي ڊي اي 15 سيٽن تي ڪامياب ٿي. ان کانسواءِ حيدرآباد ۾ جي يو آءِ جا 11 ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا 8 اميدوار ميدان ماري چڪا آهن. حيدرآباد ضلعي جي 160 يوسين مان 113 جا نتيجا اچي ويا، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ پ پ 73 يوسين تي ڪامياب ٿي چڪي آهي. پ پ اڳ ئي 31 يوسين تي بنا مقابلي کٽي چڪي هئي. تحريڪ انصاف 30 يوسين سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان هڪ – هڪ يوسي تي ڪامياب ٿي سگهون. حيدرآباد ضلعي جي 8 يوسين تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا، اميدوارن جي لاڏاڻي سبب 6 يوسين تي چونڊ نه ٿي، جڏهن ته 42 جا نتيجا اچڻا آهن. پ پ دادو، مٽياري، ڄامشوري، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول جي ضلعي ڪائونسلن ۾ به سرسي حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ٽنڊي الهيار ميونسپل ڪميٽي ۾ به ميدان ماري ورتو. ميونسپل ڪميٽي دادو، مٽياري، جوهي، ڪوٽري ۽ سيوهڻ شريف ۾ به پ پ اڳتي آهي، جڏهن ته ميهڙ ۾ لياقت جتوئي جي حمايت يافتا پي ٽي آءِ اميدوارن کي سرسي حاصل رهي . شهر ۾ 246 يوسين مان 235 تي چونڊون ٿيون. 11 سيٽن تي اميدوارن جي وفات سبب چونڊ ملتوي ٿي. وچ ڪراچي مان جماعت 42 مان  39 يوسين تي ڪامياب، نيو ڪراچي ۾ پ پ ٻه ۽ جماعت 7 سيٽون ٻهاري وئي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.