پي ٽي آءِ ۾ انضمام، ق ليگ پاران مشاورت

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين پاران ق ليگ کي تحريڪ انصاف کي ضم ٿيڻ جي آڇ جي معاملي تي اهم فيصلي تي غور لاءِ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ ق ليگ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ميمبرن ضلعي سطح تي به پارٽي عهديدارن سان مشاورت جي تجويز ڏئي ڇڏي ۽ ان معاملي تي سمورن فيصلن جوا ختيار پرويز الاهي کي ڏئي ڇڏيو، لاهور ۾ پرويز الاهي جي صدارت ۾ ق ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ ق جي اليڪٽورل ڪالج جا سمورا عهديدار شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي، اجلاس ۾ پرويز الاهي جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ سمورن فيصلن جو اختيار پرويز الاهي حوالي ڪيو ويو، اجلاس ۾ مشاورتي عمل کي وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مسلم ليگ هائوس ۾ به عهديدارن جو اجلاس گهرايو ويندو، پرويز الاهي پاڻ به عهديدارن کي خطاب ڪندو، پرويز الاهي چيو ته آئنده جي لائحه عمل لاءِ مشاورت شروع ڪئي وئي اهي، اتفاق راءِ سان فصلا ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.