لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ مونس الاهي، حسين الاهي ۽ ڪامل علي آغا کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
نوٽيس ق ليگ جي سيڪريٽري جنرل طارق بشير چيما طرفان جاري ڪيا ويا آهن.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي، حسين الاهي ۽ ڪامل آغا ڪنهن جماعت ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن، اهي سيٽون ۽ عهدا توهان وٽ ق ليگ جي امانت آهن، توهان جو اهو قدم غير آئيني هوندو، توهان ڪنهن ٻي جماعت ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿا ته اسيمبلي ۽ سينيٽ تان استعيفيٰ ڏيو.
نوٽيس موجب استعيفيٰ نه ڏيندئو ته ڊي سيٽ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ويندو.
نوٽيس ۾ ٽنهي کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ لاءِ 7 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ چوڌري شجاعت طرفان پرويز الاهي کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ۽ سندس بنيادي رڪنيت معطل ڪئي وئي هئي.