پيءَ کي پي سي بي ۾ عهدو ملڻ سان پٽ جو وڏو نقصان ٿي ويو!

نجم سيٺي جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ عهدو سنڀالڻ سان سندس پٽ علي سيٺي جو نقصان ٿي ويو آهي.

گذريل مهيني نجم سيٺي کي پي سي بي جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جو سربراهه بڻايو ويو هو، پيءَ جو عهدو سنڀالڻ سان راڳي علي سيٺيءَ کي نقصان ٿيو آهي.

ذريعن موجب پي سي جي جي اڳوڻي مئنيجمنٽ پاڪستان سُپر ليگ جي اينٿم لاءِ علي سيٺي سان رابطو ڪيو هو جنهن لاءِ نجم سيٺي جو پٽ آمريڪا کان لاهور به اچي ويو هو.

پر نجم سيٺي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ علي سيٺي سان معاملا ختم ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نجم سيٺي مفادن جي ٽڪراءُ کان بچڻ لاءِ اِهو قدم کنيو آهي.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل اٺ جي پراڻي شيڊول کي ئي برقرار رکڻ تي غور ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.