سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جو 93 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي عظيم سدا حيات عوامي شاعر سيد احمد شاهه المعروف استاد بخاريءَ  جي 93 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

استاد بخاري 16 جنوري 1930ع تي دادو ضلعي جي ڪچي جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ والده امان عمراءُ ۽ والد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري جي تعليم به ان ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي .

1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو.

استاد بخاري 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.

استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر هو.

سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن جن ۾ ’گيت اسان جا جيت اسان جي، ’هي گيت گلابي ٻارن جااوتون جوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون، ڀڻڪا، واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، ’زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، ، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، بخاريءَ جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، لهري لهري ۾ لالاڻ، ڳائي پيو جاڳائي پيو، تڙ تيڏيان ڳالهيان، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (سرائڪي شاعري)  ۽ ٻيا شامل آهن.

سنڌي زبان جو هيءُ ٻهڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. کيس 10 آڪٽوبر 1992ع تي دادوءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.