پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ پي ٽي آءِ پاران 3 نالا فائنل

لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ پي ٽي آءِ اڳوڻي چيف سيڪريٽري ناصر کوسي، قانوني ماهر پرويز حسن ۽  اڳوڻي چيف سيڪريٽري اعظم سلمان جي نالن  تي غور ڪري رهي آهي، لاهور ۾ عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جو اجلاس ٿيو، هوڏانهن عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي ٻڌايو ته عمران خان گورنر کي موڪلڻ لاءِ 3 نالا فائنل ڪيا آهن، هن ترتيبوار احمد نواز سکيرا، نصير احمد خان ۽ ناصر سعيد کوسه جي نالن جي منظوري ڏني آهي، ق ليگ جي پي ٽي آءِ ۾ انضمام جي سوال تي هن چيو ته اسان اڄ اجلاس گهرايو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو، مونس الاهي جو به اهو خيال آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.