چيف اليڪشن ڪمشنر پاران بلدياتي چونڊون ڪاميابي سان ڪرائڻ تي ادارن کي مبارڪون

اسلام آباد(م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا بلدياتي چونڊون ڪامياب منعقد ڪرائڻ تي سنڌ حڪومت، قانون لاڳو  ڪندڙ ادارن سميت سنڌ پوليس، سنڌ رينجرز، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري، پاڪستان آرمي ۽ وفاقي گهرو وزارت کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ اليڪشن عملي سان مڪمل تعاون تي شڪريو ادا ڪيو آهي.  آچر ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب چيف اليڪشن ڪمشنر خاص طور تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملي کي بهترين طريقي سان چونڊون منعقد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون، چيف اليڪشن ڪمشنر اهي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.