نيپال ۾ مسافر جهاز حادثي جو شڪار، 72 ڄڻا اجل جو شڪار

کٽمنڊو (م ڊ) نيپال جي پوکارا عالمي هوائي اڏي جي رن وي تي هڪ 72 سيٽن وارو مسافر جهاز ڪري تباه ٿي ويو آهي. نيپالي نشرياتي  اداري مطابق يٽي ايئر لائنز جي ترجمان سدرشن برٽولا ميڊيا کي ٻڌايو ته کٽمنڊو کان پوکرا ويندڙ يٽي ايئر لائنز جو مسافر جهاز پوکرا عالمي هوائي اڏي ويجهو ڪري تباه ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته جهاز ۾ 68 مسافر ۽ عملي جا 4 ميمبر سوار هئا. هن ٻڌايو ته جهاز جي حادثي کان لڳڻ واري باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.