ڪنري ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ڪولهي اتحاد جي ريلي، ڌرڻو

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند) ڪنري ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف پاڪستان ڪولهي اتحاد جي سڏ تي ھزارين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪندي ڌرڻو ھنيو. آمريڪن چوڪ کان الله والا چوڪ تائين لالچند ڪولهي، پهلاج ڪولهي، ڀارمل مڪواڻو، نيم داس ڪولهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪندي مک آمريڪن ۽  الله واري چوڪ تي ڌرڻا ھنيا ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڇتي نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ ھارين، مزدورن ۽ ڏھاڙي دار پورهيتن معصوم ٻارن سان گڏ شرڪت ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني کان محروم آھي. حڪومتي دعوائون سڀ ڌوڙ آھن. انتظاميہ توڙي  چونڊيل نمائندا غريبن جو تماشو ڏسي رهيا آھن. ھنن چيو ته ٻچن کي بک تي ڏسي غردب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. مهانگائي ختم ڪري غريبن کي جيئڻ جو حق ڏيو غريبن کي سريلنڪا واريون حالتون ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو، ھنن گھر ڪئي ته اٽي سميت ٻين شين جا اگھه گھٽائي عوام کي ريليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.