مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهندڙ شرپسندن کي بخش نه ڪيو ويندو : وڏو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسند کي مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏين، سموريون سياسي جماعتون ۽ سندن ڪارڪن چونڊ ضابطن جو احترام ڪن.

وڏي وزير ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ سي پي او ۾ قائم ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو، وڏي وزير پولنگ واري عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ به ورتي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سينٽرل پوليس آفيس جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته شرپسندن کي بخش نه ڪيو ويندو، سموريون جماعتون چونڊ ضابطن جو احترام ڪن.

 ڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته پولنگ دوران شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ کي يقيني بڻايو وڃي، چونڊ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.