عمران سدائين پِنندي گذاريو، شوڪت ترين ملڪ جو ڏيوالو چاهيو: بلاول

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان سڄي زندگي پِنندي گذاري، هن سدائين پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح  ڏني. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي آندي، پاڪستان جي جي ڊي پي جو 10 سيڪڙو ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو. هن چيو ته ملڪ جو وڏو حصو ٻڏل هو، پاڪستان اڪيلي سر متاثرن جي بحالي نه پئي ڪري سگهيو، همدرد ۽ دوست ملڪن پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ 9 ارب ڊالر ملڻ ڪو ڀوڳ ناهي، اها سفارتي ڪاميابي آهي، ڪنيوا ڪانفرنس پاڪستان لاءِ تمام اهم ۽ ڪامياب رهي، پاڪستان جي آئسوليٽ ٿيڻ جو بيانيو دفن ٿي ويو. بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو ته هن سڄي زندگي پِنندي گذاري، هڪ هوندو آهي سياسي انٽرسٽ ۽ ٻيو هوندو آهي نيشنل انٽرسٽ، عمران خان سدائين پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، جڏهن ته شوڪت ترين پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ چاهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.