پ پ حڪومت ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري رهي آهي: دودو ديشي

باڊھه (پ ر ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي  سڏ تي ڀٽي چونڪ کان حيدرچونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي  جسقپ ضلعي صدر ڪامريڊ زين ڪولاچي  ڪامريڊ عبدالله سولنگي، وقارڀٽي، اشفاق چني، حفيظ سنجراڻي, بشير ڪوري۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ صوبائي حڪومت ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري رهي آهي، سنڌ جو غريب ۽ ٻوڏ سٽيل عوام بک ۽ بيروزگاري ۾ تڙپي مري رهيو آهي پر زرداري مافيا ۽ مراد شاھ گورنمينٽ سنڌين کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، عوام اڳئي ئي مفلسي واري زندگي گذاري رهيو آهي اُن باوجود بہ کائڻ جي اٽي لپ لاءِ سڪي رهيو آهي. ، پر حڪومتي وزير ۽ مشير عياشين ۾ پورا آهن غريب پريشان آھن، مظاهرين مطالبو ڪيو تہ اٽو فوري طور تي سستي اگھ يعني پنجھٺ روپين ۾ مهيا ڪيو وڃي ۽ بليڪ ميلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي عوام کي سستو اٽو ڏنووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.