ميان صاحب ۾ واپاري جي گهران ٿيل چوري جا جوابدار گرفتار

ميان صاحب ( ن ع آ ) هفتو اڳ ميان صاحب شهر جي  ٽانوري پاڙي ۾ واپاري محمد عالم ٽانوري جي گهران نامعلوم چور الماڙي ٽوڙي اٽڪل 8 لک رپيا روڪ رقم ۽ 5 تولا سون چوري ڪري ويا هئا ان سلسلي ۾ ميان صاحب پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او منظور احمد مهر صحافين کي ٻڌايو تہ واپاري محمد عالم ٽانوري جي گهران ٿيل چوري واقعي ۾ اسان پوليس جي ٽيڪنيڪل ٽيم جي مدد سان جوابدار تائين پهتا سون جيڪو جوابدار واپاري محمد عالم ٽانوري جو ڀيڻيو محمد ملوڪ ابڙو کي گرفتار ڪيو آهي جنھن کان چوري ٿيل سموري روڪ رقم ۽ سونا زيور برآمد ڪيا آهن ۽ سندس مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.