زال ۽ 3 نياڻين سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ٺٽي ۾پورهيت جون دانهون

ٺٽو (ڊر) ٺٽي شھر جي بخاري محلي ھوپ اسپتال ڀرسان رھندڙ پورھيت ڌڻي بخش ملاح ٺٽي ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته سندس زال کي گذريل 2 مھينن کان سندس زال جو ڀيڻيو حيدر ملاح زبردستي وٺي وڃي گھارو شھر ۾ ويھاري ڇڏيو آھي، جتي کيس پنھنجي گھرواري توڙي 3 معصوم نياڻين سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي، جيڪي ھن وقت پيءُ کي ياد ڪري بيمار ٿي پيون آھن، ڌڻي بخش ملاح چيو ته حيدر ملاح جو ڪردار مشڪوڪ آھي، جنھن اڳ به مختلف ماڻھن جي 3 نياڻين کي فحاشي جي اڏن تي وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، شڪ آھي تہ منھنجي معصوم نياڻين کي بہ وڪرو ڪري ڇڏيندو، کيس پنھنجي گھرواري ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ويتر کيس نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي مٿس ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي پريشان ڪري رھيو آھي. ھن چيو تہ ھو پنھنجي گھرواري توڙي ٻارڙن کان ڌار رھي نٿو سگھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او گھارو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري کيس پنھنجي زال توڙي نياڻيون سندس حوالي ڪري سندس گھرواري کي ورغلائي پاڻ وٽ زبردستي ويھاريندڙ حيدر توڙي انھن جي حامين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.  ٻي صورت ۾ ھُو سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.