ٿر ۾استادن جي آدمشماري ۾ڊيوٽي لڳائڻ سبب تعليم سخت متاثر

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرپارڪر ضلعي ۾ تعليم کاتي جي ڪامورن پاران تعليم سان ڪيل مذاق سامهون آيو آهي،اُنهي سلسلي ۾  ستن ئي تعلقن ۾ تعليم کاتي اختيارين جي منع جي باوجود ٿيندڙ ستين ڊجيٽل آدم شماري واري سروي ۾ سنگل اُستادن تي قائم اسڪولن جي اُستادن جون آدم شماري سروي ۾ ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون آهن،جنهن سبب سنگل اُستادن تي قائم 248 اسڪولون پهرين فيبروي کان ڏيڊ مهيني لاءِ مڪمل طور تي بند ٿي وينديون،سنگل اُستادن تي قائم اسڪولون ڏيڊ مهينو بند رهڻ سبب اسڪولن ۾ پڙهندڙ اندازن 7440 معصوم شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو،تعليم کاتي جي عملدارن  ٿرپارڪر ڊي سي پاران سنگل اُستاد تي قائم اسڪولن جي اُستادن جون ڊيوٽيون نه لڳائڻ واري حڪمن ۽ هدايتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي،جنهن سبب تعليم سخت متاثر ٿيڻ بعد خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ،تعليم کاتي جي اهڙي عمل بعد اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن سميت اُنهن جا والدين به ٻُڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن،ٿرواسين صوبائي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي سنگل اُستادن تي قائم اسڪولن جي اُستادن جون لڳايل ڊيوٽيون ختم ڪري وڌيڪ اسڪولن ۾ مقرر اضافي اُستادن جون ڊيوٽيون لڳائي معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

  • جي ايم سيد امن ۽ ڀائيچاري جو علمبردار هو: صوفي حضور بخش

ملير(ڊ ر) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊيءِ جو اجلاس گلشن حديد ۾ ٿي گذريو،جنهن جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين صوفي حضور بخش ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه شاندار نموني ملهائي ويندي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي قيادت سيد جي مزار تي حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهيندا، مرڪزي اڳواڻ صوفي حضور بخش اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جي ايم سيد امن ۽ ڀائيچاري جو علمبردار هو هن جاگيرداريت، ملائيت خلاف جدوجهد ڪئي هو هر قسم جي انتهائي پسندي جي خلاف هو، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر حڪمرانن سنڌي قوم جو استحصال ڪيو آهي سنڌ جي ناڻي مان پنجاب کي ترقي وٺرائي آهي، سنڌ جي ڪارخانن ۾ غير سنڌين کي ملازمتون ڏئي کين سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو آهي،  اڄ به سنڌ تي يرغالون جاري آهن، هن چيو ته نون صوبن ٺاهڻ واري ڪميٽي ختم ڪئي وڃي، سنڌ هڪ آهي هڪ رهندي، سنڌ کي هزارن سالن جي تاريخ آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪو به ڇهه مهينا ڪنهن صوبي  ۾ رهندو ته ان کي اتان جي پرمنٽ سرٽيفيڪٽ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ سنڌ اندر برسات ۽ ٻوڏ جي نقصان لاءِء حڪمرانن کي ذميدار قرار ڏنو ويو، چيو ويو ته پاڻي جا لنگهه بحال ڪيا وڃن ۽ ساڄي توڙي کاٻي ڊرين جي نيڪالي جي گنجائش وڌائي وڃي ۽ انهن جا بند مضبوط ڪيا وڃن.  ايف بي بند کي ڏنل هٿرادو ڪٽ بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.