کپرو ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي رقم مان ڪٽوتي، عورتون دربدر

کپرو (ن ع آ  ) کپرو تعلقي جي شھر سميت ٻھراڙي وارن علائقن ڍليار۔کاھي۔ھٿونگو۔لوڻ کاڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل مستحق  عورتن لاء قسط(7000)  جا پئسا وٺڻ لاء پريشان ۔اومني گروپ ۽ ان جا ايجنٽ سرعام ڪٽوتي ڪرڻ لڳا ۔بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي وفاقي وزير  شازيه مري جي چونڊ تڪ ۾ اومني گروپ سرگرم ۔آيل قسط (7000)  مان سرعام هڪ  ھزار کان 1500  روپيه ڪٽوتي ڪرڻ لڳا ۔اومني ايجنٽ مافيا خلاف شڪايتن باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿيو ۔مختلف ۽ پري وارن علائقن کان آيل عورتون سڄو ڏينھن انتظار ڪرڻ بعد ھٿين خالي واپس روانيون۔ايجنٽ سان رابطو ڪرڻ ۽ 2 ھزار روپيه رشوت ڪٽوتي عيوض مخصوص عورتن کي پئسه ملڻ لڳا۔ڪيترن ئي عورتن جا آيل پئسه اڳوٺو لڳائڻ بعد ھڙپ ڪري اھو چيو وڃي ٿو ته پئسه آيا ناھن جڏھن ته انھڻ جي آيل رقم ڪڍي ھڙپ ڪئي وڃي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.