روهت ۽ ڪوهلي جي مداحن لاءِ بُري خبر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تجريبڪار بيٽر ورات ڪوهلي ۽ روهت شرما کي اعلانيل ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي.

گذريل سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ هٿان هڪ طرفي مقابلي بعد ڀارتي بورڊ تي اِهو دٻاءُ هو ته هو سينيئر رانديگرن ڀاڙڻ واري روايت ڇڏي نوجوانن کي موقعو ڏي.

ڀارتي بورڊ ٻنهي رانديگرن کي مختصر فارميٽ مان ڊراپ ڪرڻ جو سبب ناهي ڄاڻايو جڏهن ته نيوزيلينڊ خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ هاردڪ پانڊيا ٽيم جي قيادت ڪندو.

ٻئي پاسي وري ڪيويز خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ ٻنهي بيٽرز شامل ڪيو ويو آهي.

بي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اوپنر ڪي ايل راهول ۽ آل رائونڊر اڪشر پٽيل کي ذاتي مصروفيتن سبب ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو آهي.

ڀارت جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ روهت شرما، ورات ڪوهلي، شڀمن گِل، ايشان ڪيشن، شيرياس آئير، سوريا ڪمار ياديو، ڪي ايس ڀرت، هاردڪ پانڊيا، واشنگٽن سُندر، شهباز احمد، شاردل ٺاڪر، يوزويندر چهل، ڪُلديپ ياديو، محمد شامي، عُمران ملڪ  ۽ محمد سراج شامل آهن.

ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڪپتان هاردڪ پانڊيا، سوريا ڪمار ياديو، ايشان ڪيشن، روتراج گيڪواڊ، شڀمن گِل ، ديپڪ هودا، راهل ترپاٺي، جتيش شرما، واشنگٽن سُندر، ڪُلديپ ياديو، يوزويندر چهل، ارشديپ سنگهه، عُمران ملڪ، شيوم ماوي ۽ مڪيش ڪمار شامل آهن.

واضح رهي ته پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀارت پهچي وئي آهي جتي هو ٽي هڪ ڏينهن وارين ميچن ۽ ٽن ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.