اڄ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين: محمود خان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته اڄ  ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي ويندي.

پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محمود خان چيو ته جيڪي حالتون موجودا وفاقي حڪومت پيدا ڪيون آهن جو هاڻي عالمي سطح تي ڪير به انهن جو يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

محمود خان چيو ته اسان پنهنجي فنڊن مان اڳوڻي فاٽا جي ملازمن  کي پگهارون ڏئي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.